طبا شير وکر

طبا شير وکر

طبا شير

طبا شير: هي هڪ يوناني وکر آهي. هن کي عربي ۾ طبا شير، انگريزيءَ ۾ Bambumanna ۽ لاطيني ٻولي ۾ Bambusa Arudinacea چيو وڃي ٿو. طبا شير بانس جي وچ ۾ ٿيندڙ رطوبت ۾ ٿيندو آهي ۽ خشڪ بانس کي چيري ان مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. هن وکر جو رنگ اڇو يا وري سفيد نيراڻ مائل ٿئي ٿو ۽ هي ڳنڍن جي صورت ۾ ٿئي ٿي. هي بي ذائقو وکر آهي. طبيبن جو چوڻ آهي ته بانس جي ٻوٽي تي برسات جون بوندون پوڻ سان طبا شير پيدا ٿئي ٿو. هي معدي جي سوڄ، خوني بواسير، وات پچڻ، آنڊن جي ساڙي، ضعف دل، بي قراري، کنگهه، بخار، يرقان ۽ ڦڦڙن جي مرضن لاءِ مفيد آهي. ڏندن تي هڻڻ سان ڏند مضبوط ٿين ٿا. طبا شير بنگلادش، سماترا، هندستان، جاوا ۽ آمريڪا ۾ بانس جي بيلن مان ملي ٿو. هن کي تپا شيرو به چيو وڃي ٿو.


لفظ طبا شيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو